اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آئين پاڪستان جي شق 91 جي ذيلي شق 7 تحت قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندو. آئين موجب ان شق ۾ آهي ته وزيراعظم صدر جي رضامندي دوران عهدي تي فائز رهندو، پر صدر ان شق تحت پنهنجا اختيار استعمال نه ڪندو جيستائين ??ن کي اهو اطمينان نه ٿئي ته وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ??ڪث??يت جو اعتماد حا??ل نه آهي، ان صورت ۾ هو قومي اسيمبلي جو اج??اس طلب ڪندو ۽ وزيراعظم کي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.