اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو بر??در?? جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا مل?? گهرجي، پا??ست??ن هند??تا?? نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پا??ست??ن جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف پا??ست??ن ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آهي، هن واضح ڪيو ته پا??ست??ن جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پا??ست??ن ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پا??ست??ن سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند مل?? جي لاءِ پا??ست??ن جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان کي پا??ست??ني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته انشاءُ الله پا??ست??ن جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند مل?? آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.