ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي ??روغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪي??. وفد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي ??ومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي ??حفوظ ڪي?? ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪي?? جنهن سان تعليمي شعبي ?? آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪي??سر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.