اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??فغ??نستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ حقيقت پسندا??ي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان کي ??فغ??ن عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ??فغ??نستان جو استحڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان ??فغ??ن عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن ??فغ??نستان جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزيرن جي و??چو??ل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته و??چو??ل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اسان جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ ??فغ??نستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اسان جي ڪوششن جو بنيادي محور ??فغ??ن عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. ??فغ??نستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن جي سلامتي جي صورتحال، ??فغ??ن ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان استع??ال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته ??فغ??نستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ ??فغ??نستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، ??فغ??ن پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي استحڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اسان جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ??فغ??نستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اسان جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان کي ??فغ??ن عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اسان کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري ??فغ??نستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته ??فغ??ن مسئلي جو ??فغ??نين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان کي واضح ڪرڻو آهي ته ??فغ??ن ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استع??ال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان کي ??فغ??ن ڊگهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان ??فغ??نين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان ??فغ??ن عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ ??فغ??نستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. ??فغ??نستان جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ ??فغ??نستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اسان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. ??فغ??نستان جي استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اسان جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال ??فغ??نستان جي پيغام کي طاقت ڏيندو.