اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پر??يه?? وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي عرب جي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي پر??يه?? وزير ش??زا???? فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ش??زا??ه محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي لاءِ پاڪستان مان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي فوري ريليف جي لاءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 ??زا?? ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي ط??ي سهولتن، ??رديءَ کان بچڻ جي لاءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، ??اريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي پر??يه?? وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي سعودي عرب جي پر??يه?? وزير ش??زا???? فيصل بن فرحان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، ??عودي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.