اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي ??س??مب??ي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعد?? قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي ??س??مب??ي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي ??س??مب??ي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي ??س??مب??ي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعد?? قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعد?? قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظم اس??مب??ي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي ??س??مب??ي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي ??س??مب??ي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي ??س??مب??ي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي ??عد ۾ جاري ڪيو ويندو.