اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ت??جيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ت??قي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بقا ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ايمل ولي خان سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻ?? اسپيڪر سردار اياز صادق به شريڪ هو، ملاقات ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي ت??جيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ت??قي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ايمل ولي خان وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان جي ٻيلن ۾ ب??هه تي فوري نوٽيس ۽ ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو.