اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 جون ??ان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان آهي جنهن جي ڪري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ايم اي) ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پ??رائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 جون ??ان اڱاري 5 جولاءِ دوران طوفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ان تيز سلسلي جي ڪري 2 ??ان 4 جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 ??ان 5 جولاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏ??ڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي ته جئين موسم جي ڪري ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري ??رپر ??ان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمو?? موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازه ترين صورتحال ??ان باخبر رکن.