اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف بج??ي جي وڌيڪ بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وز??را??ظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بج??ي واري وفاقي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين سچ ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي بج??ي جي بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.