اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزار?? پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم جي اپ??ل تي اطلاعات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وزارت جي ملازمن چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وز??را??ظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي اپيلن تي امدادي ??قم فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.