اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪا??ين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ ف??ائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سر??رمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي صدر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفوا جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ ف??ائيه جي س??ني ايئر بيسز تي ضرورتمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ ف??ائيه جي س??ني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ ف??ائيه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ ف??ائيه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ ف??ائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرورتمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي س??هجي.