اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان توهان کي عوام جو سوچڻ جي لاءِ پنهنجي ”م??ن“ ۽ شهباز شريف جي سوچ کان آزاد ٿيڻو پوندو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ٻڏي رهيا آهن ۽ عمران خان ورڇ ۽ انتشار پکيڙي رهيو آهي، عمران خان 4 سال معيشت تباهه ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪري ها ته مهانگ??ئي ۽ بي??وزگاري نه هجي ها. عمران خان جي بي??ن تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عوام هڪ فارن ايجنٽ، سازشي، ڪوڙي ۽ چ??ر بابت مڪمل ط??ر باشعور ٿي چڪي آهي، قوم جي شعور توهان کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو آهي، قوم جي شعور ڪارٽلز مافيا ۽ سازشي ٽولي کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو آهي. هن چيو ته قوم باشعور ٿي وئي، انهي لاءِ عمران خان جي ڪرپٽ ۽ ڪوڙي حڪومت ختم ٿي وئي، پنجاب ۽ خيبرپخونخواهه ٻڏي رهيا آهن ۽ عمران خان ورڇ ۽ انتشار پکيڙي رهيو آهي، ملڪ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ”م??ن“ کان آزاد نه ٿي پيو ٿئي. هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪري ها ته اڄ مهانگ??ئي نه هجي ها، عمران خان چار سال معيشت تبا??ه نه ڪري ها ته مهانگ??ئي نه هجي ها، عمران خان 20 هزار ارب جو تاريخي قرض نه وٺي ها ته اڄ بي??وزگاري نه هجي ها، عمران خان پنهنجو منهن پالش ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي لابي فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.