اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ جرمني واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته جرمني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پا??ستان کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ??هي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان پا??ستان ۾ جرمني جي سفير الفرڊ گراناز ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جرمن سفير کي پا??ستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير پا??ستان ۽ جرمني وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پا??ستان جرمني سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ناڻي واري وزير ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ جرمني جي سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ناڻي واري وزير جرمني جي سفير کي پا??ستان ۾ چوماسي جي تازين برساتن ۽ شديد ترين ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير ناڻي واري وزير جو ٿورو مڃيو. هن پا??ستان سان مختلف شعبن خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جرمني جي سفير تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته جرمني امدادي ڪاررواين ۾ پا??ستان سان مڪمل تعاون فراهم ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن ??ي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڌرين مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.