اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) اي??يا??ي ترقياتي بئنڪ پاڪستان حڪومت جي ٻوڏ متاثرن ۽ متاثر ع??ائ??ن جي بحاليءَ لاءِ هنگامي امدادي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي. تفصيل مطابق اي??يا??ي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ خوراڪ جي سامان، ??يم?? ۽ ٻين امدادي سامان جي فوري خريداري لاءِ فنڊ فراهم ڪئي ويندي. اي ڊي بي اعلان مطابق ٻوڏ سان متاثرع??ائ??ن ۾ رليف لاءِ 30 لک ڊالرن جو فنڊ فراهم ڪيو ويندو، رقم سان ٻوڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئي ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي. اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ ??هي??ن. اسان هن قدرتي آفت سبب تباهه ڪُن اثرن تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر ڪٽ??بن جي فوري امداد فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم ??هي??ن. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اسان جي ٽيم ڊگهي مُدي واري بحاليءَ لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ اتان جي برادريءَ سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي.