اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪست??ن جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طو?? تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري ??دا??ي (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانست??ن جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي ??دا??ي جون ٽي، آمريڪا ج??ن 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اوم??ن جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪست??ن جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.