اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي آفت دنيا کي درپيش آهي جيڪڏهن ان جي خاتمي لاءِ فوري قدم نه کني?? ويا ته ان جون تباهيون پاڪستان تائين محدود نه رهنديون، دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرام?? ۽ ??ٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگس?? 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي خطاب جو خلاصو اهو هو ته دنيا خبردار رهي ته انسانيت کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن، پاڪستان اڄڪلهه جنهن موسمياتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي ان جي خاتمي لاءِ قدم نه کني?? ويا ته اهو سلسلو پاڪستان تائين ئي محدود نه رهندو پر اهو انسانيت جي لاءِ همدردي ۽ ڳڻتي جو پهلو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ درپيش اهم مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مون دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرام?? ۽ ??ٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان جي لاءِ ڀارت کي 5 آگس?? 2019ع جي هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ آبادي جي تناسب جي تبديلي سميت ٻيا کنيل قدم روڪڻا پوندا.