اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، ??اڪ??تان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتص??دي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر ??اڪ??تان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتص??دي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتص??دي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن ج?? حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتص??دي اپ ڊيٽ مطابق جولاءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل مالي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار ??اڪ??تانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙو ج?? شرح سان اؤسر ٿي آهي. جولاءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ڊالر هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙو ج?? شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪ??ي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ڊالر هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ڊالر هو. انگن اکرن مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙو ج?? گهٽتائي رڪارڊ ڪ??ي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ڊالر هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ڊالر هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙو ج?? گهٽتائي رڪارڊ ڪ??ي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو ج??ڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ڊالر هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ج?? ڳاڻيٽو 26.037 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا هو ج??ڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جولاءِ دوران 9.7 سيڪڙو ج?? شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪ??ي وئي. جولاءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جولاءِ جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪ??ي وئي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ نان ٽيڪس روينيو ج?? ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهيو ج??ڪو گذريل سال جولءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت جولاءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سال جولاءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو ج?? ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ ويو ج??ڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جولاءِ دوران سالياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سال جولاءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل سال جولاءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن ج?? حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو هو ج??ڪو گذريل سال جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جولاءِ ۾ وڏين صنعتن ج?? پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. ??اڪ??تان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين ج??لاءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو ج??ڪو گذريل سال پهرين ج??لاءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري مالي سال دوران 2.16 سيڪڙو ج?? گهٽتائي رڪارڊ ڪ??ي وئي، ان ج?? ابتڙ نين ڪمپنين ج?? رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙو ج?? شرح سان ٿي آهي.