اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) جتي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي اُڀرندڙ صورتحال انسانيت کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، اتي پاڪ فضائي?? جي اهلڪارن شانه بشانه پاڪ فضائي?? جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پڻ ٻوڏ مت??ثر علائقن جي پريشان حال ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاري امداد ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پاڪ فضائي?? جي ترجمان مطابق پاڪ فضائي?? جي شاگردن آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ اسٽيشنريءَ جو سامان خريد ڪيو ۽ـ ان مقص?? لاءِ انفرادي طور تي عطيا گڏ ڪيا. ٻوڏ مت??ثرن علائقن جي ٻارن ۾ روزمره استعمال تي ٻڌل شين جا 17 هزار کان وڌيڪ پئڪيٽ ورهايا ويا، جنهن سان مت??ثر ٻارن جي چهرن تي مُسڪ??اه?? واپس اچي وئي. پاڪ فضائيه طرفان اهي ڪوششون ان ڳاله?? جي عڪاسي آهن ته پاڪ فضائيه قوم جي سڏ ڪرڻ تي هميشه لبيڪ چيو ۽ اهو ته پاڪ فضائيه قدرتي آفتن ۽ حادثن سبب مت??ثر ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ امدادي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.