اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان ه??در??ي جو اظهار ڪندي چي?? ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان ه??در??ي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چي?? ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ??ن سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چي?? ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياري?? ته ضابطي جي ڪارروائ?? مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.