ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وس??ڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن ل??ءِ 24 لک ايڪڙن ل??ءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظوروساڻ ج?? سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ??ن دو??ان ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وس??ڻ عم??ان خان کي مشورو ڏيندي چيو ته عم??ان خان سيڪنڊ ليڊر شپ بج??ءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عم??ان خان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عم??ان خان نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاه??ان ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عم??ان خان ل??ءِ ڏينهن خراب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.