اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي ت?? مقرري ت?? جنرل ساحر شمشاد مرزا کي مبارڪباد ڏني. جنرل ساحر شمشاد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توهان جي پيشيوارا??ي قابليت سان هٿياربند فوج ۽ پاڪست??ن کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي ذميوارين ۾ سرخرو ٿيڻ جي دعا ڪئي. جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.