اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سکر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق سکر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم پهريان سکر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ ا??م شهر موٽر ويز سان گنڍجي ??يندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي ??دي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.