لاهور – 13 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي ف??اهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفتي اٽي جي ورڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي ف??اهمي دوران چوري روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي ف??اهمي تي جائزه ا??لا?? ٿيو. ا??لا?? ۾پنجاب حڪومت پاران رمضان ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي پروگ??ام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ا??لا?? ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آهي، مفت اٽي اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگ??ام تي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مفت اٽي جي ورڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي ورڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي لاءِ اٽي جي ورڇ جا وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس قائم ڪيا وڃن.