اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فو?? جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي مقدس ترين جاين مان هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذمت آه?? ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسرائيلي قابض فو?? پاران مسجد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ هڪ معمول بڻجي چڪا آه??. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسطيني عوام جي مذهبي آزادي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آه?? پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جي مذهبي جذبن جي پڻ توهين آه??. ترجمان موجب فلسطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فو?? پاران طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال سمورن انساني ۽ انساني حقن جي اصولن ۽ قانونن جي خلاف ورزي آه??. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اسرائيل رمضان جي تقدس جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي ت??زي واعدي تان پٺتي هٽي ويو آه??. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فو??ي قدم کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آه??. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو، اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ۽ منصفاڻي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا.