اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ملڪ جي نوجوانن جي وڏي انگ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عمل پيرا آهي ??نهن جو مقصد نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ ۽ ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، وزيراعظم جي ويزن تحت وفاقي حڪومت نوجوان نسل کي بااختيار بڻائڻ ۽ ان??ن کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ 15 ميگا پروگرامن جي نقاب ڪشائي ڪندي وزيراعظم يوٿ ڊيولپمينٽ ان??شي ايٽوز جي شروعات ڪئي هئي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي رپورٽ موجب هن وقت ملڪ جي 64 سيڪڙو ماڻهن جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي ۽ 29 سيڪڙو پا??ست??ن??ن جون عمرون 15 کان 29 سال جي وچ ۾ آهي. پا??ست??ن ۾ هاڻي اڳ کان گهڻا وڌيڪ نوجوان آهن، ۽ گهٽ ۾ گهٽ 2050ع تائين ان ۾ اضافو ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان اهم عنصر کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ 150 ارب رپ??ن جي وزيراعظم يوٿ ڊيولپمينٽ پئڪيج شروع ڪيو. ان??ن پروگرامن ۾ بااختيار نوجوان ان??رن شپ پروگرام، وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ پروگرام، بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ 5000 وظيفن، نيشنل ٽاپ ٽيلنٽ اسڪالرشپ پروگرام،سيرت چيئرز جو قيام، پا??ست??ن جي سڀ کان گهٽ ترقي يافته ضلعن ۾ سرڪاري يونيورسٽ??ن جي ذيلي ڪئمپسز جو قيام، يوٿ اسڪلز ٽريننگ پروگرام، ينگ ڊيولپمينٽ فيلوشپ پروگرام، سينٽرز آف ايڪسيلينس، پا??ست??ن ان??ويشن فنڊ ينگ ڊيولپمينٽ ليڊر ايوارڊ، پا??ست??ن جي 20 غريب ترين ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي ترقياتي اسڪيم، سڄي پا??ست??ن ۾ ينگ پيس اينڊ ڊيولپمينٽ ڪورس ۽ 250 مني اسپورٽس ڪمپليڪس جو قيام شامل آهي. اهڙي طرح وڏي پئماني تي نوجوان طبقي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم پاران پي ايم يوٿ بزنس ۽ ايگري لون اسڪيم پڻ شروع ڪئي وئي جنهن جي ذريعي نوجوانن کي مختلف ڪاروبار ۽ زراعت جي قدمن جي ذريعي پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. ان قدم جو مقصد 15 ڪمرشل، اسلامي ۽ ايس ايم اي بئنڪن جي ذريعي آسان شرطن ۽ گهٽ وياج جي شرح تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي جي ذريعي نوجوانن ۾ ان??ر پريينورشپ کي فروغ ڏيڻ آهي. سمورا پا??ست??ني سهري جن جون عمرون 21 کان 45 سال جي وچ ۾ آهن، ڪاروباري صلاحيت رکندڙ ماڻهو قرض جي لاءِ درخواست ڏيڻ جا اهل آهن. اسڪيم تحت فراهمڪيل قرضن کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي. 21 ۽ 45 سال جي عمر جا ماڻهو ان??ن اسڪيمن تحت 75 لک رپين تائ??ن جا قرض جي سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا. آءِ ٽي ۽ اي ڪامرس جي ڪاروبار جي لاءِ گهٽ عمر جي حد 18 سال آهي. ننڍي ڪاروباري قرضن جي ذريعي مائيڪرو فنانسنگ ملڪ جي نوجوانن ۾ ملازمت جي تلاش بدران روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي عمل کي فروغ ڏيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف افتتاحي تقريب دوران ريمارڪس ڏنا هئا ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ به وفاقي سطح تي اهو پروگرام شروع ڪيو ويو هو ۽ 54000 نوجوانن کي 75 ارب رپ??ن جا قرض فراهم ڪيا ويا هئا جنهن سان نه رڳو نوجوانن کي فائدو ٿيو پر ان سان ملڪ کي به فائدو ٿيو ۽ ملڪ جي معيشت کي فروغ مليو. ملڪ جي اٽڪل 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ ان قدم سان ان??ن کي سڌوسنئون فائدو پهتو. زرعي قرضن جي اضافي سان ڳوٺاڻي نوجوانن کي پوکيءَ ۾ جدت آڻڻ ۾ مدد ملي رهي ??هي ??نهن ۾ مشيني پوکيءَ، زرعي ويليو چينز جي تخليق ۽ پوکيءَ جي اوزارن جي سولرائيزيشن شامل آهي ??ه جيئن پا??ست??ن جهڙي موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيندڙ ملڪ ۾ توانائي جي وسيلن جو وڌيڪ پائيدار انتظام ڪري سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف قرض اسڪيمن جو مقصدنوجوانن کي خودانحصار قرار ڏنو هو. ماضي ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نوجوان کي 40 ارب رپيا جي قرض فراهم ڪيا ۽ ان جي وصولي جو تناسب 90 سيڪڙو هو. نواز شريف جي قيادت هيٺ حڪومت نوجوانن کي 15 ارب رپ??ن جا ليپ ٽاپ جاري ڪيا، وزيراعظم اسڪيم جي نقاب ڪشائي ڪندي ان جو پڻ حوالو ڏنو هو. باصلاحيت نوجوان عوام جي لاءِ وزيراعظم پاران شروع ڪيو ويو، ٻيو موقعو ”انوويشن هب“ پروگرام هو. وزيراعظم جي ويزن تحت قائم ڪيل ان??ويشن هب سمورن ڌرين خاص طور تي ملڪ جي باصلاحيت نوجوانن ۽ افرادي قوت جي خيالن کي شامل ڪري ملڪ جي ضرورتن سان هم آهنگ پا??يس?? سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي ??ديد پروگرام آهي ??يڪي ملڪي ۽ ٻاهرئين ملڪ پا??ست??نين سان ماهرن جي مشوري، ان پٽ ۽ تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو هو. اهو وزيراعظم جي ان عزم جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو ته هو ذاتي طور تي نئين شروع ڪيل ان??ويشن هب کي فروغ ڏيندا ۽ حڪومت سمورين وزارتن ۾ باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ خصوصي سيل قائم ڪندي ته جيئن نوجوانن جي قومي پا??يس?? سازي جي لاءِ پنهنجي اختراعي آئيڊياز تي ڪم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي.