اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في اي??ڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پيداوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اج??اس کي گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پيداوار ۽ متوقع طلب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اج??اس کي نيلم جهلم منصوبي جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سال جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجلي جي پيداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوبي جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.