اسلام آباد – 24 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم هن وقت ملڪ جي محافظن ۽ شهيدن سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي محافظن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري قوم جي لکين ٻارن کي يتيمي کان بچايو، رڳو انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جن بابت يقيني آهي ته اهي 9 ??ئي جي واقعن ۾ ملوث آهن، انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ انصاف جي سمورين گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، 9 ??ئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 9 ??ئي جي افسوسناڪ واقعن سان سڄي ملڪ ۾ رياستي ۽ نجي ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 9 ??ئي تي پوري ملڪ ۾ شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن مان 95 سيڪڙو ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اٽڪل 60 سيڪڙو ملوث ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 9 ??ئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي شرپسندن عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ??خمي ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ??ديد نقصان پهچايو. پوليس ۽ فوج جي گاڏين، ايمبولين??ز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون گاڏيون ساڙيون ويون. ان کانسواءِ حساس ٺڪاڻن تي حملي، پوليس ٿاڻن، جناح هائوس ۽ ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارتن کي ??اهه لڳائي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ پاران جاري پروپئگنڊه مهم جي ابتڙ سول ۽ نجي عمارتن ۽ ملڪيتن تي حملي آور ٿيندڙن جي خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته رڳو اهڙن ماڻهن کي ??رمي ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جن بابت مڪمل ثبوت موجود آهن ته اهي حساس ٺڪاڻن تي حملي ۾ ملوث آهن. آرمي ايڪٽ تحت هلندڙ ڪيسن جي فيصلن جي خلاف اپيل جي لاءِ اعليٰ عدالتن سان رجوع جو حق موجود آهي. اجلاس کي نادرا پاران فيشل ريڪگنيشن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي 9 ??ئي جي واقعن جي جاين جي فهرست سان گڏوگڏ وڊيو ۽ تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون. ڪابينا 16 ??ئي تي ٿيندڙ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي ڪابينا قومي اسيمبلي مان 9 ??ئي جي ڪاري ڏينهن جي واقعن جي متفقه طور تي منظور ڪيل مذمتي قرارداد کي ??ڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا مختلف دوست ملڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پروپئگنڊه جو موثر جواب ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي ??هو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته ڪنهن به معصوم شهري کي ??نهن واقعن جي آڙ ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي جڏهن ته اها به هدايت ڪئي ته واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ۽ گرفتاري جي عمل کي ??يز ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا کي ??وڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جنهن جي مفاهمتي ياداشت تي وزيراعظم جي سرپرستي هيٺ 17 ??ئي 2023ع تي صحيحون ٿيون تي عملدرآمد جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان مان حاجي سڳورا اميگريشن ڪرائي سعودي عرب ۾ انتظار کان بچي ويندا. ان جي لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ تي 5 خصوصي ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن جن تان هيستائين تازي حج جي لاءِ 2450 حاجي فائدو کڻي چڪا آهن. هن سال مجموعي طور تي 26000 حاجي سڳورا روڊ ٽو مڪه منصوبي مان فائدو کڻندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال ملڪ جي ٻين وڏن هوائي اڏن تائين روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ??وسيع ڏني ويندي ۽ ان مان فائدو کڻندڙ حاجين جي انگ کي 75000 تائين پهچايو ويندو. وفاقي ڪابينا ميجر جنرل رٽائرڊ حفيظ الرحمان جي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن جي بطور ميمبر ايڊمنسٽريشن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 16 ??ئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.