اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو، واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پاڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي لاءِ اتحادي پارٽ??ن سان مشاورت جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، راڻا تنوير حسين، مولانا عبدالواسع، سيد امين الحق، آغا حس??ن بلوچ، سردار اسرار ترين، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي ??زي?? هاشم نوتيزئي، احسان الله ريڪي، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قومي اسيمبلي ميمبرن اسلم ڀوتاڻي، محسن داوڙ، عوامي نيشنل پارٽي جي سردار حس??ن بابڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه ۽ قومي اسيمبلي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرم??ن سردار اختر مينگل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن ??زي??اعظم کي 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ لاءِ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي تاريخي قرار ڏنو ۽ ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ اتحادي پارٽين ??زي??اعظم کي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي بجيٽ انگن اکرن ۽ ترقياتي بجيٽ تحت مجوزه منصوبن بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن ۽ ناڻي واري وزارت کي انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ ۽ انهن کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سالن کان التوا جو شڪار نيشنل فلڊ ريسپانس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته بجيٽ 24 – 2023ع جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جي ڪاٿي کي 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پاڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. ??زي??اعظم چيو ته بجيٽ ۾ حڪومت مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود موج??ده وسيلن کي بهترين طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي ترقي ۽ نئ??ن سر تعمير جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي معاشي تباهي جي باوجود حڪومت ج?? محنت سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو، هر حڪومتي قدم ۾ اتحادي پارٽين جي مشاورت حڪومت جي لاءِ انتهائي اهم آهي، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 13 پارٽين پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي بچايو. هن چيو ته ملڪي معاشي سلامتي جي لاءِ اهڙي ڪوشش جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي، الحمدالله پاڪستان معاشي تباهي ۽ ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کان پاڪ ٿيو.