اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ماليت جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ??ندي، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ??ندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي ن??ر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ ??سا??يون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بجيٽ پيش ??رڻ جي لاءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي ن??ام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي ن??ر ۾ رکندي حڪو??ت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بجيٽ جي لاءِ سموريون تياريون جاري آهن.