اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مجموع?? ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 ملين ??الر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 ملين ??الر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اق??صا??ي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب روپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب روپيا 85.2 ارب ڊالر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ ۽ قرضن جي ادائيگين لاءِ حڪومت ڊگهي مدي وار?? ملڪي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب روپين جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اق??صا??ي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 ملين ??الر وصول ڪيا. ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ کان 1500 ملين ??الر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ??الر وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 ملين ??الرن جو قرض به ري فنانس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ڊالر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 ملين ??الر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 ملين ??الر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 ملين ??الر بئنڪن ۽ 1000 ملين ??الر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.