اسلام آباد – 12 ?? جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومن?? فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پاڪستان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوومن?? فنڊ جو بنياد رکيو هو، وز??راعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪستان انڊوومن?? فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻي??ن فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏنا ويندا. وز??راعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ڪندو. ان سان نه رڳو پاڪستان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان موقعي تي وز??راعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.