اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان جي اثرن بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال بي ايس جي آئي معاهدي کي ح??مي شڪل ڏيڻ ۾ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون جاري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان جوڙي گڏي?? قومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي ت?? زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏي?? قومن سان پاڪستان جي جاري تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل ??از?? منصوبي کان پڻ آگاهه ڪيو.