اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ?? ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي ??ولين ترجيح آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي ??ورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وز??رن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وز??ر علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي ??ملدارن شرڪت ڪئي. وز??راعظم سلامتي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لا??ِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.