نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ناروي??ن هم منصب اينيڪن هيٽ فيلڊ سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن 75 سالا دوستي کي ساراهيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? تي اتفاق ڪيو. هنن علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ گهڻ رخي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.