پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ??لڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سان تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افزائي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي پوليس ??لڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آ??ي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ??لڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.