اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي س??ڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي س??ير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي س??ڌي پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي س??ير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان مح??ت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي س??ڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي ??حيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي س??ير جمال بيڪر چيو ته ايٿوپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاو?? اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپيا ج?? ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپيا جي س??ير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي ??ئي ٿيل ايم او يو تي ??حيح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي س??ڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي ??وشني وڌي، وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.