اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان هنگري جي سفير بيلا فازيڪاس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نگران پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظها?? ڪيو ۽ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ وظيفن جو انگ ٻيڻو ڪرڻ تي هنگري جا ٿورا مڃيا. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هو گڏيل طور تي آسان تاري??ن تي هنگري جي پرڏيهي وزير جي دوري جو منتظر آهي.