لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شا??امار ??اغ لاهور جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، شا??امار ??اغ پهچڻ تي خاتون اول ثمينه عارف علوي جي آجيان ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري ۽ اميچيئور گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. اميچوئر گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ان موقعي تي خاتون اول کي شا??امار ??اغ ۾ وڻ ۽ ٻوٽن ۽ گلن بابت ٿيل ڪمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول کي شا??امار ??اغ جي رنگ روغن ۽ تحفظ بابت جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. بيگم ثمينه عارف علوي آثار قديمه جي ورثي جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ والٽ سٽي ??اهور جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سارسنڀال جي لحاظ کان شا??امار ??اغ جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ جي لاءِ سڀئي ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. بعد ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي شا??امار ??اغ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل والٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ پيش ڪئي.