اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري ع??ام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو، پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي، پاڪستان اقتصادي سفارڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزار?? ۾ 4 کان 6 جون دوران جاري رهندڙ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جا سفير شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي جي مختلف رخن تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آجيان ڪندي سفيرن واري ڪانفرنس ۾ مباحثي جي فريم ورڪ ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ سفارتي چئلينجز ۽ موقعن بابت هڪ مباحثي فورم جي طور تي ان جي اهميت جو خاڪو پيش ڪيو. هن پرڏيهي پ??لي??ي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ پرڏيهي آفيس جي اهم ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي کي موجوده دور جي ضرورتن سان هم آهن?? ڪرڻ جي لاءِ ان جي طرز عمل بابت اهم ضرورتن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي کي ملڪ جي هڪ ترقي پسند، معاشي طور تي ترقي يافته رياست جي ويزن جي طور تي رهنمائي ڪرڻ گهرجي جيڪا پنهنجي ع??ام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي کي ترجيح ڏي ٿي، پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏ بيٺل رهندو، اقتصادي سفارتڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن ڪانفرنس کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي پس منظر ۾ وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ڏنو. هن پاڪستان جي سفارتڪاري تي پنهنجي اعتماد جو ورجاءُ ڪيو ۽ سفارتڪارن جي سخت مشڪلاتن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ غور فڪر سان پاڪستان جي پرڏيهي پ??لي??ي کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي تجويزون ملنديون. نگران وزيراعظم پرڏيهي آفي?? ۽ ??اڪستاني سفارتڪارن جي لاءِ پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.