واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪس??ان?? سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪس??ان?? سفير گلگت بلتستان جي رٿابندي وا??ي وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت بلتستان جي رٿابندي وا??ي وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي ح??الي سا?? نيويارڪ ۾ پاڪس??ان?? قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪس??ان?? سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪس??ان?? سفير گلگت بلتستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عالمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪس??ان?? سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪس??ان?? ڄاون آمريڪي شهرين جي ح??ايت کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان?? حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي ح??الي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.