گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ تازين برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 20 لک جڏهن ته زخمين کي 5 لک رپيا في فرد امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته برسات کان ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو، متاثرين جي آبادڪاري تائين امداد جاري رکنداسين، عوام جي خدمت حڪومت جو فرض آهي، مڪمل تباهه ٿيندڙ گهرن جي ??الڪن کي ساڍا 7 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ جي اڳئين ئي ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي طوفاني برساتن کان متاثر گوادر جو دورو ڪيو. ان موق??ي تي بلوچستان جي ??ڏي وزير مير سرفراز بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برساتن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ورتي. وزيراعظم کي ملڪ جي ??ين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي ??دد جي ??اءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن جي ??قت کان اڳ تعين جي ??اءِ نظام جوڙيو وڃي. متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ??لڪيتن جي ??قصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپورٽ پيش ڪيو وڃي. تازي طوفاني برساتن جي ??تاثرين جي ??دد ۽ بحالي جي ??اءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. متاثرين جي ريسڪيو ۽ مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم متاثرين جي ??اءِ قائم خيمه بستي ۾ متاثرين ۾ امدادي سامان ۽ چيڪ ورهايا. ان موق??ي تي وزيراعظم کي برساتن سان ٿيندڙ نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته تازين برساتن سان گوادر ۾ 3100 گهر متاثر ٿيا. جيواڻي ۾ 125، پسني ۾ 25، سنسر ۾ 260 گهرن کي نقصان پهتو. 93 گه?? مڪمل تباهه ٿيا. برساتن سان 200 جانورن کي نقصان پهتو. 19 متاثر رستا بحال ڪيا ويا آهن. ڏورانهن علائقن ۾ نيوي ۽ بلوچستان حڪومت جي ??يلي ڪاپٽرن جي ذريعي امدادي سامان پهچايو ويو. متاثرين کي طبي سهولتن جي ??راهمي جي ??اءِ ??رم?? ۽ سول ادارن پاران ميڊيڪل ڪئمپون هنيون ويون. ان موق??ي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثرين ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته 26 فيبروري تي طوفاني برساتن ۾ گوادر ۽ بلوچستان جي ??ين حصن ۾ تباهي ڦهلائي. الله جو شڪر آهي گوادر ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. بلوچستان ۾ 5 ماڻهو فوت ٿيا انهن جي ??ونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. زخمين جي جلد صحتيابي جي ??اءِ دعاڳو آهيون. هن بلوچستان جي ??ڏي وزير کي حلف کڻڻ جي ??وري پوءِ متاثر علائقي گوادر پهچڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وڏو وزير مشڪل وقت ۾ فوري هتي پهچي ۽ متاثرين جي ??نهنجي ??ت آهر امداد ڪئي. هي ڪو احسان نه آهي پر بطور چونڊيل حڪومت اسان جو فرض آهي. اسان متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. بلوچستان جي ??ڏي وزير جي ??يادت ۾ سمورن نقصانن جو ازالو ڪنداسين. هن پاڪ فوج، نيوي، ڪوسٽ گارڊ، پي ڊي ايم اي سنڌ جا ٿورا مڃيا جن متاثرين کي امدادي سامان پهچائن، پاڻي جي ??يڪالي ۽ ريليف جي ڪمن ۾ فوري مدد ڪئي. بلوچستان حڪومت ۽ مقامي انتظاميا پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته مصيبت ۾ پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيٺل هجڻ جو حڪم اسان جو مذهب به ڏي ٿو، ان فرض جي ادائيگي ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪنداسين. هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سان انهن علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سان وڏو نقصان ٿيو، اسان هن وقت هر متاثر جڳهه تي پهتاسين ۽ وفاقي حڪومت متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا. اسان پنهنجي ??ت آهر ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان انصاف ۽ شفاف طريقي سان متاثرين تائين امداد پهچائي. هن چيو ته تازي طوفاني برساتن ۾ سڄي ملڪ ۾ 44 ماڻهو فوت ٿيا. الله انهن جي ??غفرت فرمائي. هر فوت ٿيندڙ جي گهرڀاتين کي 20 لک، زخمي کي 5 لک جڏهن ته تباهه ٿيل گهر جي ??الڪ کي ساڍا 7 لک رپيا معاوضو ڏينداسين. هن تازي امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور ڪارڪردگي رکندڙ ادارن جي ??لازمن ۽ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ مصروف ماڻهن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.