اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، معاشي استحڪام لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، معاشي انگ اکر بهتري طرف گامز?? آهن، معيشت بهتر ۽ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحا?? آهي، قومي ايئر لائين جو ساليانو خسارو 80 ارب رپيا آهي، ان جي نجڪاري جو سلسلو اڳتي وڌي رهيو آهي. هو وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪابينا اجلاس ۾ مثبت معاشي انگن اکرن تي تفصيلي روشني وڌي. وفاقي وزير چي?? ته اسان جي گذريل 16 مهينن جي حڪومت ۾ معيشت جي استحڪام جو بنياد رکيو ويو، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو ويو. وزيراعظم شهباز شريفج ي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿيون ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ اسٽينڊ باءِ ايگريمنٽ ٿيو جنهن جا ثمر اڄ رپئي جي قدر ۾ استحڪام ۽ ايڪسچينج ريٽ ۾ بهتري جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چي?? ته گذريل 16 مهينن دوران اسان جي برآمد ڪندڙن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته معيشت جي حوالي سان اسان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو، هاڻي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چي?? ته جڏهن به معيشت ۾ استحڪام جون خبرون آيون، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي ڏٺي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بلومبرگ هڪ سٺي سهرت رکندڙ عالمي مالياتي رسالو آهي جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. وفاقي وزير چي?? ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان ميڊيا عوام کي سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته پي آءِ اي جو ساليانو خسارو 80 ارب رپيا آهي جيڪو غريب عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿ??. ه?? چي?? ته پي آءِ اي جو خسارو قومي خزاني تي بار آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري سان اسان کي روينيو پڻ حاصل ٿيندو ۽ ان جي خساري جو بار سرڪاري خزاني تان ختم ٿيندو. هن چي?? ته منهنجي سدائين کان اها گذارش رهي آهي ته اسان معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام طرف وڃون. هن چي?? ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ معيشت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ پهرين ادائيگي هن مهيني مڪمل ٿي ويندي. هن چي?? ته مثبت انگ اکر ۽ رجحانن کي اڳتي کڻي هلنداسين ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيند??. ه?? چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي ڪوششن سان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ٿي رهي آهي. هن چي?? ته ملڪ آهي ته سياست آهي، ملڪ آهي ته سياستدا?? آهن ان لاءِ اسان کي معيشت کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. هن چي?? ته معاشي استحڪام جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چي?? ته ڪيترائي ڀيرا اهڙيون اچي وڃن ٿيون جن سان معيشت تي منفي اثر پوي ٿو، ميڊيا کي درخواست آهي ته اهڙين خبرن جي تصديق ضرور ڪري، اطلاعات واري وزارت جا دروازا انهن جي لاءِ سدائين کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم پاڪ چي?? دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، هن بشام واقعي کانپوءِ داسو وڃي چي??ي انجنيئرز سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪي??. ه?? چي?? ته معيشت جي بهتري ۽ قومي مفاد جي لاءِ پوري قوم گڏ آهي. هن چي?? ته اسان کي اميد رکڻ گهرجي، اميد سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ٿا، اميد جو نالو ئي شهباز شريف آهي جنهن ماضي ۾ به ڊيليور ڪيو آهي. شهباز شريف نواز شريف جي قيادت ۾ ساڍا 12 سالن جي اندر پنجاب جو نقشو بدلايو، وزيراعظم ملڪ جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، مريم نواز پنجاب ۾ بهترين انداز ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان کي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن چي?? ته اڄ هڪ پارٽي گرينڊ الائنس جو اعلان ڪيو آهي، ان الائنس ۾ باقي ڪهڙيون پارٽيون شامل آهن، انهن جا نالا ناهن ٻڌايا ويا. وفاقي وزير چي?? ته بشريٰ بي بي جي معالج اڄ بشريٰ بي بي جي صحت کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو آهي جيڪا خوش آئنده آهي. وفاقي وزير چي?? ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ تمام جلد حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويند??. ه?? چي?? ته ملڪ سياسي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ معاشي استحڪام پڻ ايند??. ه?? چي?? ته انشاءَ الله وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسپورٽس باڊيز جا مسئلا حل ڪنداسين، پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي حوالي سان ڪميٽي جوڙي پئي وڃي. پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي سان هن چي?? ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ ان بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي. اي پي پي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته اي پي پي ۾ تازي رونما ٿيندڙ واقعي جي جاچ جي لاءِ ڪمٽي جوڙي آهي. اطلاعات واري وزارت جا سينيئر آفيسر ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چي?? ته انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو. ميڊيا ورڪرز ۽ رپورٽرز جي مسئلن بابت اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هو سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آهي جتي هو پي بي اي ۽ اي پي اين ايس جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو ۽ رپورٽرز ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا عيد کان اڳ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان حوالي سان سڀاڻي باضابطا پريس ريليز ڪراچي مان جاري ٿيندي. والٽن ايئرپورٽ جي معاهدي بابت سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته والٽن ايئرپورٽ جي حوالي سان معاهدو عمران خان جي دور ۾ ٿيو هو، اتي رستا ٺهي چڪا آهن، ترقياتي ڪم به ٿي چڪو آهي، عمران خان ڀڳڙن جي مٺ تي ان زمين جو معاهدو طئي ڪيو. اسان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون، اسان ان معاهدي کي ڏسي رهيا آهيون ته ان ۾ ڪهڙي شيءَ آهي جنهن کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.