اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي ??مير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر س??ن گڏيل مفاد جي ??مورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي ??مير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي ??مير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ??عوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خ??طر?? ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذ??يل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ ??ي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو.