اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪو??شن تي اتفاق ڪيو آهي. ا??و اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز ش??يف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملاقات ۾ چي?? ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنه?? اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪو??شن تي اتفاق ڪيو.