اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي ??پورٽ پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي ??لاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ ايف بي آر ج?? ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ??والي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ?? وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ?? انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار ج?? مانيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي ??ڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي ??اتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي ??والي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي ن??صا?? پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري اهم شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي ??لاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي ??ل جي متبادل نظام جي ??والي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري رپورٽ موجب ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي ??نيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وقت جي ??يف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.