بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪ??تا?? ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش اين??ڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪ??تا??ي شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪ??تا?? ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪ??تا?? جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ??تا?? جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ??ري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪ??تا?? چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پاڪ??تا?? ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ??ري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪ??تا?? ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪ??تا?? جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪ??تا?? ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.