بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگ??يڪ??وٽو نائب وزي??اع??م ڊنگ زوڪسيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??فيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي ??رفن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير هن سال 26 مارچ تي شانگلا حملي تي چين جي ايگ??يڪ??وٽو نائب وزي??اع??م سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي خاطري ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيو. ٻنهي ??ڳواڻن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپار، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. هن خنجراب بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام تي به خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي ۽ تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار کي برقرار رکڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن صنعت، ز??اع?? ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت مثبت منافعي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين جي نائب وزي??اع??م ڊنگ زوڪسيان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملد??آم?? جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.