شينزن – 05 – جون (اي پي پي) چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگ پاڪستان ۾ پنهنجي موبائيل ٺاهڻ جي يونٽ ۾ سي??پڪ??ري ۾ سگهه ۽ چئن شعبن موبائيل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ سي??پڪ??ري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت غيرملڪي سي??پڪ??رن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، ٽرانشيئن هولڊنگز پاڪستان ۾ مقامي سطح تي شيون تيار ڪري انهن کي پاڪستان مان ٻاهرئين ملڪ برآمدات ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائو جي??نگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئا. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير کي ٽرانشيئن هولڊنگز سان گڏجي جلد هڪ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي. ملاقات ۾ ترانشيئن هولڊنگز جي چيئرمين وزيراعظم کي ڪمپني جي پاڪستان ۾ موجوده آپريشنز، عالمي سطح تي ان جي برآمدات ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سي??پڪ??ري جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ترانشيئن هولڊنگز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جو پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي تياري جي حوالي سان اڳ ۾ ئي هڪ يونٽ قائم آهي جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي حوالي سان پنهنجي سي??پڪ??ري ۾ سگهه ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي جنهن سان موبائيل فونز جي تياري کانپوءِ پاڪستان مان ان??ن جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.