اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسع??د ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين ک?? في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اس??تال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اس??تال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش ??سئ??ن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي ??سئ??ن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.