اسلام آباد -25 جون (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي 3 نون ججن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. نون ججن جي حلف کڻڻ جي سادي پروقار حلف برداري واري تقريب سپريم ڪورٽ ?? منعقد ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مطابق چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس ملڪ شهزاد احمد، جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن کان عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز، اٽارني جنرل، لا آفيسرن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.